سيد غلام حيدر شاھ

سيد غلام حيدر شاھ

سيد غلام حيدر شاھ

سيد غلام حيدر شاھ : شاعر ڪالم نگار، نقاد سيد غلام حيدر شاھ جو جنم 15 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ صديق شاھ ٻسٽان تعلقي ڪنري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. سندس تخلص حيدر آهي. پاڻ ديني ۽ دنياوي تعليم حاصل ڪيائين . سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ منهنجا سهڻا سڄڻ (نظم) ڀلي چريو چون ماڻهو (نظم) نرتئون منجهان نينهن (نثر) گونجيا گيت حيدر جا. (نظم) هو جي هليا هنگلور. (نثر) آذانِ عشق. (نثر) اعلانِ عشق. (نثر) چنڊ چھرو محبوب جو. (نظم)پرينءَ جي پار جون ڳالهيون. (نثر)سڄڻ جن کي سڏيو. (نثر)آثارِ قيامت. (نثر )انتقالِ عشق وصالِ يار. (نظم) هدايت نامہ سلوڪِ قلندري. (نثر اردو زبان) وفاء محمدﷺ. (نثر اردو زبان ۾) مُٺيون ڀيڙي ڀڄ. (نثر، ڪالمن تي مشتمل جيڪي مختلف اخبارن جي زينت بڻيا) نچوڙيو نينهن جن کي. (نثر)سندس ايندڙ ڪتاب ۾ ميدانِ عشق. (نثر ) وارداتِ عشق (نثر)رازِ عشق. (نثر) لفظن جي ڄار. (نظم)بے سمجھی کی باتیں. (نظم اردو زبان) دعوتِ درود پاڪ. (نثر اردو زبان) رڳون ٿيون رباب. (نثر) چنڊ چوڏهينءَ جو. (نثر) باغِ وفا جون رمزون. (نثر) سب کچھ چلتا ہے. (نثر اردو زبان) انعامِ عشق. (نثر) جوان جذبا ۽ پوڙهو وقت. (نثر)سندس ڪالمن تي مشتمل جيڪي مختلف اخبارن جي زينت بڻيا) ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙو (نثر، ڪالمن تي مشتمل جيڪي مختلف اخبارن جي زينت بڻيا) Salient Message of Sufism (Prose English) ،روميءَ جي اوطاق (نثر)، ورتم ڀر ڀٽائيءَ جي (نثر) شامل آهن. پاڻ هن وقت انجمن غلامان قلندر تنظيم جا روحاني سرواڻ آهن. انجمن غلامان قلندر تنظيم جو بنياد 1988ع ۾ رکيو ويو. سيد غلام حيدر شاهه فيض قلندر درود پاڪ سنڌ توڙي پنجاب ۽ ملڪ کان ٻاهر ٻين ملڪن تائين في سبيل الله پهچايو محبت محمدي کي عام ڪيو، هميشه انسان ذات سان محبت جو درس ڏنو. سيد غلام حيدر شاهه درود پاڪ پڙهڻ جي تبليغ ڪئي، جنهن سان اڄ لکين نوجوان ۽ بزرگ محبوب ڪريم ﷺ تي درود پاڪ پڙهن ٿا.


لفظ سيد غلام حيدر شاھھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.07.15  عيسوي

شاعر ڪالم نگار، نقاد سيد غلام حيدر شاھ جو جنم 15 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ صديق شاھ ٻسٽان تعلقي ڪنري، ضلعي عمرڪوٽ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبد بن حميد
ابڙو الياس پروفيسر
پرمانند ميوارام
رفيق عيساڻي
ڀلي ڏنو ڀوڳائي
بيجو باورا
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ
ڀورو مل ڪولهي وڪيل
عبدالله خطاط
ڀٽي دوست محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون